سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جا سُورما

سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جا سُورما

سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جا سُورما

سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جا سُورما (ڪتاب): سائين جي. ايم سيد جو هي ڪتاب ٻن ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪلچر بابت مڪمل تفصيل سان لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ريتن رسمن کان وٺي هر ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ جيڪو ’سنڌ جا سورما‘ جي عنوان سان آهي ان ۾ راجا ڏاهر، حاڪم سنڌ دودو بن خفيف سومرو (سوم)، نواب دولهه دريا خان، مخدوم شاهه بلاول سمون ۽ شاهه عنايت شهيد جي شخصيت ۽ حڪمراني بابت لکيو ويو آهي ۽ آخر ۾ ليکڪ انهن بابت نتيجو پڻ تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو